قُربان قُدرت تان

قُربان قُدرت تان

WeTech Official

0 Gefällt mir5:0516. Nov. 2026

Erstellt mit HeartMuLa

Mach einen Song wie diesen

Mach aus einem Namen, einer Erinnerung oder deinem eigenen Text in wenigen Minuten einen Song.

Als Geschenk

Prompt

صُبح ۽ سانجِهي سَدا، تُنهنجو مِٺو نالو نِيان، تُنهنجي نالي سان مارِين، پُڻ جِيارِين جان جِيان، تُنهنجي هَٿَ، هَٿَ، پير مُنهنجا، ڪَنَ، اَکيون، هَڏَ، چَمُ، هِنيان، تُون سَنڀالِين سَربسر، قُربان قُدرت تان ٿِيان! ڪِينَ جي ڪُن مان ڪِيَئي، 'ڪُن‘ ساڻ ڪَئِين ڪَون و مَڪان، جِنَ، مَلَڪَ، ماڻهون، مِرُون، ڪِنهن مِ ڪَمي ڪَکَ جي بـه ڪانـه، بَحَر، بَرَ، بُستانَ، بَستيون، شَهرَ، بازاريون، دُڪان، ڏِينهن، راتيون، پَلَ، پَهرَ، قُربان قُدرت تان ٿِيان! عَرش سان ٿي آب ٺهڪيو، ڪَئِين زَمانا، ڪِنهن زَمان، پوءِ اُپايَئِي آب مان، اِي اُڀ، زَمينون، آسمان، نُور مان، ڪي نار مان، ڀُونءِ مان بَشَر ڪي بِي گُمان، تِنهن ڪي بَخشِيَئِي بَحَر بَرَ، قُربان قُدرت تان ٿِيان! ڳائي ڳايان ڪيتِرو، ڏاتار! تُنهنجون ڏاتِيون، مِينهن وَسائي مُند تي، داتا! اُڀاڙِين ڌاتِيون، ذات ذاتَين مان ٺَهي، جِنهن مان جُڙَن ڪَئِين ذاتيون، خانَ، خادِمَ، خَير، شَر، قُربان قُدرت تان ٿِيان! خاص آدَم کي اُپايو، تو مَنجِهان ڪِنهن مُٺِ مِٽِي، آب اُن جي مِ وَرِي، صُورت سَندس سارِي چِٽِي، سَئو پُريون گُذريون ڪِ گُذرَن، تـه بـه نـه صُورت سا قِٽِي، پيو وَڃي پِيءُ تي پِسر، قُربان قُدرت تان ٿِيان! پَس پِدَر پَهرين تِپاسي، پوءِ پَس تُنهنجو پِسر، نَقل ساڳِي، عقل ساڳِي، شَڪل ساڳِي سَرسَر، پير، هَٿَ، نُنهن، وات، نَڪَ، ڪِنهن مِ نه ڪَوڏيءَ جي ڪَسر، واهـه! قادِر ڪارگَر، قُربان قُدرت تان ٿِيان! پيٽ مِ جيڪي پَوِي، پَهرين مَرِي سو گوڳ ٿِئي، پوءِ پاڻِي، پوءِ پَتيون، ڪو ڦُڙو، ڪو ڦوڳ ٿِئي، سو ڦُڙو جِنهن کي، ڏِسَڻ سان آدميءَ کي اوڳ ٿِئي، سو بَنايَئِي گُل، گوهر، قُربان قُدرت تان ٿِيان! ڏِينهن چاليهه سو ڦُڙو، ٻِئي چاليهي مِ ڊِڳ نِهار، ٽِئِين مِ پُوري ۽ اَڌُوري، ٿو بَني ٻُوٽي ٻيهار، پوءِ هَڏَ ۽ پوءِ هَڏَن تي، ماهه مَڙهجي ماهوار، ڏِينهَن ڳَڻيان ڳِهَڻ مِ ڳَر، قُربان قُدرت تان ٿِيان! اَڱريون، گوڏا، گُريون، هَٿَ، پير، هَڏَ، چَمُ، هَنڌ هَنڌ، هيڪ ٻئي ساڻ سَڀ ڪِيَئِي، سوگهَا سَلهَاڙي سَند سَند، رُوح رَت لَئي تَن وِچان، ٺاهيَئِي رَڳن سان رَند رَند، جي بِيھَن دَم، دَم گُذر، قُربان قُدرت تان ٿِيان! پوءِ پيدا نَو مَهِيني، نار يا نَر ناتَوان، تان وَٺي سو طِفل طاقت، جُنگ بَنجي سو جَوان، ڪو اوهان مان اَڳِ مَري، پُوڙهو ٿِي ڪو پهلوان، گُم سَتَر مِ سُد سَتَر، قُربان قُدرت تان ٿِيان! پار ٿيو ٻاهر تـه ڀَھڪَن، بَنگلا ۽ ڀُونگڙيون، لوڏ مِ لالڻ لُڏي، پوءِ هَنج مِ ڏيئي هُونگڙيون، مائٽَن مِ صَد مُبارڪ، سُوکِڙيون ۽ سُونگڙيون، ڪُجهـه عَطائون، ڪُجهـه عَطر، قُربان قُدرت تان ٿِيان! ڏائي بِي بِيءُ جا بُبا، ساڍيون بـه سالَون سو صَغير، پوءِ وِهي، ۽ پوءِ سُري، پوءِ پير پائي دِلپَذير، ٻار سُريو، گهر ڦُريو، نِروار آهي ايءُ نَظير، ٺوڪ ٺِڪرن تي ٺِڪر، قُربان قُدرت تان ٿِيان! مائٽَن جي مَعرفت سان، ٻاجهـه سان پالِن ٻَچي، عقل اَوَل مِ اَڌُورو، پوءِ پُورو ٿو اَچي، سال سَترهن گهَٽ ۽ وَڌ سِين، مور پيو موري مَچي، مَرد بَنيو مُعتَبَر، قُربان قُدرت تان ٿِيان! پوءِ ڪَري ٿو ڪِهر ڪُونڌر، ٽِيهـه سالَون ٽِند ٽُور، ڪو ٻَٽاڪي، ڪو ٻَٽِيهـه لَکڻو، تـه ڪو ٻالَڪ ٻَٽُور، ڪِنهن اَندر خوشبُوءِ ڪَٿُورِي، واهـه! اَکتو ڪو کَٿُور، مُفتَخر، ڪو مُفت خَر، قُربان قُدرت تان ٿِيان! چال چَهرِيءَ سان چَلِيو تـه بـه، چاليهن کان پوءِ چُڪو، وَئي بَهاري باغ مان، بُلبُل ڀڳا، گُل گُل سُڪو، لَبَ لَڙِي پِيا، نَڪ نَمي ويو، ڪان جِهڙو قَد گُڪو، سَربسر سائو نـه سَر،